ٺڪري پڄائڻ

ٺڪري پڄائڻ (راند ):ڪنهن به دلي، مٽ، ڪني، طباخ يا ٻئي ڀڳل ٺڪر جي برتن جي ٺڪري کڻي، هڪ نشان تي بيهي، هر هڪ ٻار جيڪو مقابلي ۾ حصو وٺڻ چاهيندو آهي سو نهايت تجويز سان ترڇو ڪري ٺڪر اڇلائيندو آهي. ان ۾ اهو ڏسبو آهي ته ڪنهن جي ٺڪري زياده پري ٿي وڃي. ڪي رانديگر وري اهي ٺڪريون پاڻيءَ جي وڏي دٻي، ويڪري واهه يا ڍنڍ جي مٿاڇري تي اڇلڻ سان پڄائيندا آهن. انهيءَ راند ۾ اهو ڏٺو ويندو آهي ته ڪهڙي اڇلايل ٺڪري ڪيترين ڇولين سان ٿي ٽڪرائجي. پوءِ جيڪا ٺڪري (پهرينءَ حالت ۾) پري ويئي يا جنهن ٺڪريءَ (ٻيءَ حالت ۾) وڌيڪ لهرن کي چيريو، ان جي اڇلائيندڙ کٽيو. هي راند به ڪلاڪن جا ڪلاڪ هلندي آهي ۽ ننڍڙا ٻار هن ۾ نهايت گھڻي دلچسپي وٺندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو